جکرو جاڙيجو

جکرو جاڙيجو: جاڙيجا سمن جو پاڙو آهي ۽ اهي ڄام جوڻي جي ٻن جاڙن پٽن جو اولاد آهن. جن اڳتي هلي سومرن جي دور کان گهڻو اڳ نائين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي ڏاکڻي صوبي جي هڪ ڀاڱي ڪڇ ۾ پنهنجي رياست قائم ڪئي هئي. جيڪا 1947ع تائين قائم رهي. اهي جاڙيجا هندو ۽ مسلمان ٻئي مذهب رکندڙ آهن. سمن جي هن پاڙي مان ڪيترا سخي ۽ سورهيه ساماڻا. جن جي ارڏاين، دليرين ۽ رومانس بابت انيڪ لوڪ داستان سنڌ جي تاريخ ۾ درج آهن، جيڪي ايامن کان ڳائبا ٿا اچن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هنن کي ڳايو آهي:
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ملهه،
سسي سهاڳ جي، ڪنهن نه پوي ڪل،
مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري.
جاڙيجن سمن مان ڪيترا جکرا پيدا ٿيا، جن جي جود ۽ سخا جي ثنا سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ موجود آهي. لطيف سائين به جکري جي ڪردار کان ايترو ته متاثر هو، جو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم کي جکرو ڪوٺيندي سندس ثنا ۾ بيت چيا آهن:
ڏمري ته ڏي، پرچي ته پاٽ ڀري،
جادم جکري کي، ٻئي چڱيون چِتِ ۾
جکرو جاڙيجو سنڌ جي اتهاس جو امر ڪردار آهي، جيڪو هڪ سخي ڄام هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو